غزا تي مسلم دنيا جو رويو ۽ گڏيل قومن جي بيوسي ڳڻتي جوڳي آهي: ايڇ آر سي پي

اسلام آباد(م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) غزا ۾ مسلسل بمباري تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته غزا ۾ شهري آبادي کي تباهه ڪرڻ جو اسرائيل جو ارادو ناقابل قبول آهي اسرائيل غزا ۾ 4000 کان وڌيڪ ٻارن کي قتل ڪري چڪو آهي ۽ غزا جي اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن کي ڄاڻي واڻي ڪري نشانو بڻائي رهيو آهي.مغرب ، مسلم دنيا ۽ اقوام متحده جو رويو وڏي ڳڻتي جو باعث آهي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اولهه ۽ مسلم دنيا جو رويو ايندڙ مهينن ۾ عالمي منظرنامو طئي ڪندو.ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته غزه ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي، عالمي برادري کي پائيدار امن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.