فرح گوگي جو ڳجهو پاسپورٽ منظرعام تي اچي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرنٽ پرسن فرحت شهزادي عرف فرح گوگي  جو ڳجهو پاسپورٽ   منظر عام تي اچي ويو آهي،مني لانڊرنگ لاءِ فرح گوگي هڪ غير معروف ملڪ وينواٽوجو ڳجهو پاسپورٽ ٺهرايو، فرح گوگي جي غيرقانوني طريقي سان چوري ڪيل پئسن کي لڪائڻ جي هڪ ٻي چال به وائکي ٿي وئي،فرح گوگي کي پي ٽي آءِ چيئرمين  ۽ بشريٰ بي بي چوري ڪيل پئسا لڪائڻ ۽ مني لانڊرنگ لاءِ هڪ غير معروف ملڪ جو ڳجهو پاسپورٽ ٺهرائي ڏنو، پئسا لڪائڻ لاءِ فرح گوگي ان پاسپورٽ تي مختلف ملڪن جا دورا ڪيا،پراپرٽي ٽائڪون جي پٽ کي ڳجهو انٽرنيشنل پاسپورٽ خريد ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو، پراپرٽي ٽائڪون بزنس مين کي پاسپورٽ لاءِ هڪ لک 30 هزار ڊالر فراهم ڪيا، 28 مارچ 2022ع تي فرح گوگي جو ڳجهو پاسپورٽ بشريٰ بي بي جي حوالي ڪيو ويو،پي ٽي آٰء حڪومت جي خاتمي کان 6 ڏينهن اڳ فرح گوگي کي فرار ڪرائي دبئي موڪليو ويو، دبئي کان پوءِ سمورو سفر ان پاسپورٽ تي ٿيو ته جيئن جاچ ادارا سفر کان آگاهه نه ٿين،                      ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرنٽ پرسن ساڍن 14 ارب جي اثاثن جي مالڪياڻي ثابت ٿي، ٽن سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران فرح گوگي جي ملڪيت ۾ 4520 ملين جو اضافو ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.