ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ مزدورن جي احتجاج دوران 130 فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن. چيني خابرو اداري موجب صنعتي پوليس جي هڪ عملدار محمد سرور عالم ميڊيا کي ٻڌايو ته بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي پسگردائي ۾ ٻه وڏا صنعتي مرڪز ساور ۽ اشوليه ۾ ڪل 130 ريڊي ميڊ گارمينٽس فيڪٽريون آهن، جيڪي وڌيڪ اجرت لاءِ جاري ڪارڪنن جي احتجاج جي ڪري اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ بند ٿي ويون آهن. هن ٻڌايو ته پورهيتن اڱاري تي حڪومت طرفان اجرتن ۾ 56 سيڪڙو اضافي جي اعلان کي رد ڪندي پنهنجو احتجاج جاري رکيو. پورهيتن جي مظاهرن ۾ مبينه طور تي ڪارن ۽ فيڪٽرين کي نقصان پهچايو ويو ۽ پوليس ۽ پورهيتن ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن. ڍاڪا ۽ آس پاس جي وڏن صنعتي علائقن ۾ نيم فوجي جٿا پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.