ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم خوشحالي سنڌ کي بدحال بڻائي ڇڏيو آھي . اھو ئي سبب آھي جو 76 سال گذرڻ باوجود ڪمي بدران سنڌ جي سورن ۾ اضافو ٿيو آھي، نگران وڏي وزير توڙي وزيرن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ مان لڳي ٿو ته صرف چھرا بدليا آھن اڄ به مختلف "سسٽم” پنھنجي ھنڌ تي قائم دائم ۽ سنڌ جي وسيلن کي بي دردي سان لٽ مار ۾ رڌل آھن، جماعت اسلامي معاشري جي اصلاح سان گڏ نظام ۽ قيادت جي تبديليءَ لاءِ پڻ جدوجھد ڪري رھي آھي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن قباء آڊيٽوريم ۾ صوبائي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو, ان موقعي تي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ فيصلن تي عمل درآمد جو جائزو پڻ ڪيو، محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پ پ لڳاتار 15 سال اقتدار ۾ رھي پر عملي طور سنڌ جي عوام کي ڌاڙيل راڄ ۽ سسٽم جي حوالي ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ جو عوام صحت، تعليم توڙي صاف پاڻي جي بنيادي سھولتن کان به محروم آھي.