بهارو ڀرسان هٿياربندن جو حملو، نوجوان اغوا، احتجاج

بهارو (رپورٽ: جاويد پنهور) بهارو ڀرسان ڪلهوڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان 9 هٿياربند هٿيارن جي زور تي اربيلو پٽ شهزادو  ڪلهوڙي کي کنڀي کڻي ويا، وارثن طرفان احتجاج ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪلهوڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين جي زميني تڪرار جي نتيجي ۾ گذريل رات دير سان علي آباد جي رهواسي ارباب ڪلهوڙي جي ڌر جي هٿياربندن شهزادو ڪلهوڙو جي نوجوان پٽ اربيلو ڪلهوڙو کي بهارو ايندي رستي مان اغوا ڪري ويا، نوجوان جي وارثن شهزادو، شعبان سنيل مختيار ۽ رابيل ڪلهوڙو بهارو پريس ڪلب تي پهچي نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو ارباب ڪلهوڙو جي ڌر سان زمين جي معامري تان تڪرار آهي، اسان جي نوجوان کي هٿياربندن مان جان جو خطرو آهي، اسان ايس ايس خيرپور ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون ته هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.