چڪ/ لکي غلام شاهه/ خانپور (رپورٽ: نواب الدين مھر/ نديم جان مهر/ عاصم دايو) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومراڻي شريف جي لنڪ روڊوٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار دعوت کائي واپس موٽندڙ ڳوٺ مومن ڪرسي جي رهواسي مٿان فائرنگ ڪري نتيجي ۾ نوجوان اسلام الدين ڪرسي سخت زخمي ٿي پيو، رستم پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي نوجوان کي نازڪ حالت ۾ خانپور اسپتال منتقل ڪيو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، رستم پوليس ٻڌايو ته ڪرسي جتوئي برادريءَ جو شهڪاڻي برادريءَ سان جهيڙو هلندڙ هو جنهن تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته 10 سال اڳ ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ شهڪاڻي برادريءَ جو نوجوان قتل ٿي ويو هو جنهن جي پلاند ۾ ڪرسي برادريءَ جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.