سرداري ۽ جاگيرداري نظام انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي سالگرھ جو ڪيڪ  ڪاٽيو ويو، قاسم آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي موقعي تي اياز لطيف پليجو پڻ شريڪ ٿيو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر رفيعه اشرف پليجو، صبا سمون، ماريه مڱريو، ھميره اختر ۽ ٻيون اڳواڻ موجود ھيون، سنڌ جا نوجوان ميرٽ ذريعي مقابلو ڪري اڳتي اچن. تعليم کانسواءِ اسين اڳتي نٿا وڌي سگھون، پ پ  ڪرپشن، اقربا پروري، زمينن تي قبضن، غريب عوام سان ظلم ۽ وسيلن جي نيلامي کي جھموريت جو نالو ڏنو آھي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام بنيادي انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي، ظالم سردار ۽  جاگيردار تعليم آڏو رڪاوٽ آھن، اسڪولن کي اوطاقون، مال جو وٿاڻ ۽ ڀانڊا بڻايو ويو آھي، قبيلائي نظام ۾ روڊ، ڊرينيج، واٽر سپلائي ۽ ٻيون سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مرضي جي خلاف روڊ نٿا ٺھن، اسڪولن ۾ استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن، عوام جي دولت کي حصا پتي ڪري لٽيو وڃي ٿو، پيپلز پارٽي عوام دشمن سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپرست بڻيل اهي، جنھن ڪري گذريل 15 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي، امن ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نه وڌي سگھي، معصوم پريا، عمران جوکيو ۽ فضيلا سرڪي اغوا آھن فاطمه ڦرڙو ۽ ٻيا ٻار زيادتين بعد بي رحمي سان قتل ڪيا ويا، وارثن ۽ عام ماڻھن جي وڏن احتجاجن باوجود معصوم نياڻيون ۽ نوجوان بازياب نٿا ڪرايا وڃن، ناظم جوکيو، فھميده سيال، دودو ڀيل، عثمان سومرو، قرت العين ۽ ٻين خونن سان انصاف نه ٿيو، قانون صرف غريب ماڻهن لاءِ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.