ڪراچي/ ملير (رپورٽر/ ڊ ر ) ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون گهگهر ڦاٽڪ قادر نگر ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نگران صوبائي وزير جو ڀاءُ فوت ٿي ويو، اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گھگھر ڦاٽڪ قادر نگر وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان محمد حسن مري فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان نگران صوبائي وزير مير خدا بخش مري جو ڀاءُ آهي، فوتي نوجوان چوپايو مال کي ڏسڻ لاءِ علائقي ۾ ويو هو، جتي ڪجهه ٻيا ماڻهو به آيا هئا. پوليس واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فوتي نوجوان ٻڪريون چارڻ دوران ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.