نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي ڀليڪار ڪيون ٿا:عاجز ڌامراهه

حيدرآباد(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي ڀليڪار ڪيون ٿا، اسان  ڪڏھن به ڪنهن سان اتحاد ڪري اليڪشن ناهي وڙئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪنهن جي آسري تي اليڪشن ناهي وڙھي، جڏھن ته سڄي سنڌ سميت پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ پڻ پ پ جو وڏو ووٽ بئنڪ آھي. هن چيو ته هو ڪنهن جي به بليڪ ميل ۾ نه ايندا، پيپلز پارٽي افغانين کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ جي حق ۾ آھي. هن چيو ته پ پ اليڪشن مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آھي، جنهن جو پهريون جلسو ميرپورخاص ڊويزن جي ضلع ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ ڪيو پيو وڃي، جنهن کي 16 نومبر تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. جڏھن ته 30 نومبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس جو وڏو جلسو ڪوئيٽا ۾ رکيو ويو آھي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اڪيلي چونڊ وڙهي آھي، جنهن کي ڪنهن سان اتحاد ڪرڻ جي ضرورت نه آھي. هن چيو ته ٻڌون ٿا ته مخالف پارٽيون اتحاد ڪري چونڊن ۾ مقابلو ڪنديون، جڏھن ته مخالف ڌرين جي اتحاد کي پ پ چونڊن کان اڳ ۾ ئي ڀليڪار ڪري ٿي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ خلاف اتحاد تيار ٿيندا رهيا آھن پر اهڙا اتحاد پ پ کي ڪجهه به ناهن ڪري سگهيا.17

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.