غزا(م ڊ)غزا ۾ اسرائيلي فوج جي 37 ڏينهن جي وحشياڻي ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 11 هزار 100 کان وڌي ويو آهي.هن چيو ته شهيد ٿيلن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.ان کان اڳ ڊپٽي صحت واري وزير يوسف ابو ريش چيو آهي ته غزاجي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا اسپتال جو ڪارڊ وارڊ اسرائيلي هوائي بمباري ۾ تباهه ٿي ويو آهي.اسرائيلي فوج چيو آهي ته هو غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال مان ٻارن کي ڪڍڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ سخت ويڙهه دوران ٻارڻ ختم ٿيڻ سبب ٻه نوان ڄاول فوت ٿي ويا آهن ۽ درجنين کان وڌيڪ خطري هيٺ آهن، هوڏانهن فلسطيني صحت وزارت چيو آهي ته اسرائيلي فورسز اسپتالن مان زخمين ۽ مريضن کي ڪڍي روڊن تي آڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، ته جيئن اهي روڊن تي تڙپي تڙپي مري وڃن، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ويڙهاڪن اسرائيل-لبنان سرحد جي ويجهو اينٽي ٽينڪ ميزائل فائر ڪيا ۽ ڪيترن ئي شهرين کي ماريو.غزه ۾ صحت جي عملدارن چيو آهي ته خان يونس ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي حملي ۾ 13 فلسطيني شهيد ٿي ويا،.غزه جي اترين علائقي تل الزطر ۾ العسڪري خاندان جي گهر تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 9 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزه جي پٽي تي اسرائيلي فوج جو حملو جاري آهي،يونيسيف چيو آهي ته اسان غزه ۾ فوري طور تي انسانيت جي جنگ بندي جو مطالبو ڪريون ٿا، اسپتالن ۽ ٻارن کي فوري طور تي محفوظ ڪيو وڃي، هوڏانهن سڄي دنيا ۾ اسرائيل مخالف مظاهرا جاري آهن، لنڊن ۾ 8 لک ماڻهن مارچ ڪيو، يمن، جڪارتا،نيويارڪ ،اسپين، تيونس،مسقط،فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ احتجاج ڪيو ويو