صدر کي ڪنهن پارٽي جو ترجمان نه ٿيڻ گهرجي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ  سولنگي يقين ڏياريو آهي ته نگران حڪومت عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪندي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر سڄي ملڪ جو صدر آهي، هو ڪنهن پارٽي جو صدر ناهي، صدر کي ڪنهن پارٽي جو ترجمان نه ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به پارٽيءَ جو ترجمان ٿيڻ صدر جي عزت گهٽائي ٿو.نگران وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته توانائي جي متبادل ذريعن مان بجلي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، مستقبل جي حڪومتن لاءِ ضروري آهي ته اها پاليسي جاري رکي، اليڪشن ڪميشن جي موجوده قيادت انتهائي ذميوار ۽ اهل ماڻهن تي مشتمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.