ڪي پي جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) ارشد حسين شاهه حلف کڻي ورتو

پشاور(م ڊ) جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير نامزد ٿي ويو، گورنر  سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي، گورنر کائنس  عهدي جو حلف کڻايو جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف  رٽائرڊ جسٽس  ارشد حسين جي نالي کي رد ڪري ڇڏيو، عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو،  گورنر هائوس ۾ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اڪرام دراني وچ ۾ ملاقات ٿي صوبي جي نئين وڏي وزير لاءِ نالي تي مشاورت  ڪئي وئي، گورنر  حاجي غلام علي  چيو آهي ته آئين تحت نئين نگران وڏي وزير کي نامزد ڪيو ويو، اڪرم دراني ۽ محمود خان ان نالي تي اتفاق ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.