ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اصل بحران مالي نه پر ارادن جو آهي.ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس بهادر آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي، ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمران دوست آئين نه هلندو، اسان مالي نه پر نيت جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون.هن چيو ته شهري حڪومت جا ڪهڙا ادارا ۽ اختيار هوندا، اهو آئين ۾ لکيو وڃي.ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته آئين ۾ هجڻ گهرجي ته مڪاني چونڊن کان اڳ عام چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن،وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻي پوندي،