نواز شريف لک ڀيرا وزيراعظم ٿئي پر بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين: خورشيد شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف لک ڀيرا وزيراعظم ٿئي پر بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ اسان  جو حق آهي، اسان اوهان کي سرپرائز ڏينداسين.

ڪراچي ۾ نواز ليگ جي وفد سان ملاقات بعد خورشيد شاهه چيو ته اسان پنهنجي ماضي جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پنجاب مان کٽينداسين، ماڻهن کي ٻڌائينداسين ته سائوٿ پنجاب سان 2008 ۾ واعدو ڪيو هو، ان کي ڪيستائين پورو ڪيو.

هن چيو ته نواز ليگ وارا پراڻا دوست آهن، اسان سياستدان ۽ مخالف ضرور آهيون پر دشمن ناهيون، جڏهن پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر ليڊر هيس ته حالتون اهڙيون ٿيون جو مون کي نواز شريف جي مدد ڪرڻي پئجي وئي، اسان گڏجي به سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڪو به مستقل دشمن يا مخالف ناهي هوندو، اسان جا لاڳاپا آهن، 16 مهينا اقتدار ۾ رهيا آهيون، عزت ڏيڻ گهرجي، اخلاق جي دائري ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، اسان ڪڏهن به اقتدار جي لاءِ ويڙهه ناهي وڙهي، ووٽ جو اختيار ۽ اقتدار قائم ڪرڻ جو اختيار عوام کي ڏيندا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان بعد ماڻهن کي شڪ آهي، اسان کي ڏنل تاريخ تي چونڊون ڪرائي عوام جي شڪ کي ختم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.