سياستدانن عوامي مقبوليت بدران قبوليت جو رستو اختيار ڪري ڇڏيو:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) عوامي حقوق طرفان ” عوامي حقن جي جدوجهد ۽ شهيد حسن ناصر ” جي موضوع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ مذاڪرو ٿي گذريو. جنهن جي ميزباني ترقي پسند صحافي ۽ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ عوامي حقن جي اڳواڻ عبدالخالق زردان ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي ترقي پسند شاگرد  ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ  ڊاڪٽر تنوير احمد ڳالهائيندي چيو ته شهيد حسن ناصر کي پاڪستان جي رياست طرفان آمريڪا سان ڪيل معاهدي بعد شهيد ڪيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي، هن چيو ته حسن ناصر شهيد جو تعلق هڪ نوابي خاندان سان هو، پر بالشويڪ روسي انقلاب هن کي ايترو ته متاثر ڪيو جو هن مارڪسزم جي فڪر تي هلندي پنهنجو پاڻ کي مزدور طبقي سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ پورهيت انقلاب تي هلندي لاهور جي شاهي قلعي ۾ تشدد جو شڪار ٿي شهيد ٿي ويو. نامور ترقي پسند صحافي مظهر عباس چيو ته شاهي قلعي ۾ شهيد حسن ناصر سميت پي پي پي جي ڪارڪنن ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد ۽ شهادتن جي هڪ الڳ تاريخ لکڻ گهرجي ۽ نئين نسل کي شاهي قلعي جي عذابن جي ڪهاڻين کان واقف ڪيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ سياستدانن عوامي مقبوليت جو رستو ڇڏي قبوليت جو رستو اختيار ڪيو آهي، هڪ پارٽي کي سياست ۽ چونڊن کان پري رکيو پيو وڃي، شاھ محمود قريشي ۽ فواد چوڌري کي منهن تي ڪپڙو چاڙهي ۽ هٿ ڪڙيون هڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ تي سياستدان خوش ٿي رهيا آهن.، پاڪستان اسٽيٽ بدران ريئل اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي. ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته گڏيل هندستان ۾ انگريزن پراڻي فرسوده نظام کي ٽوڙڻ بدران جاگيرداري کي متعارف ڪري مضبوط بڻايو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي پهرين مئي 1947 تي آمريڪا جي نمائندي جناح سان ملي پاڪستاني رياست کي ڪميونسٽ بلاڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ چيو ته رڳو فلسطين ۾ نه پر بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ڪجهه علائقن ۾ به بمباري ٿي رهي آهي، حسن ناصر جنهن مقصد لاءِ شهيد ٿيو هو، اها عوامي حقن جي جدوجهد وڌيڪ نئين روپ ۾ تيز ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ 12 سو عورتون جيل ۾ حسن ناصر وانگر وڙهي رهيون آهن ۽ عوام اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي، ليکڪا حميده گهانگهرو چيو ته حسن ناصر پاڪستان جو پهريون گم ڪيل سياسي ڪارڪن هو ۽ شهيد نذير عباسي جي شهادت ۽ هن کي رياست طرفان گم ڪرڻ هڪ تسلسل هو ٻنهي جي وقت ۾ فوجي آمريت جو راڄ هو. عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته حسن ناصر شهيد جو فڪر سائنسي نظريو هو، جنهن ۾ بدليل حالتن ۾ تبديلي جو اچڻ اڻ ٽر آهي، نيپال ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽيون اڳتي وڌي اقتدار حاصل ڪري چڪيون آهن، نواز شريف لنڊن ۾ باجوه ۽ جنرل فيض کان حساب وٺڻ جي ڳالهه ڪندي پاڪستان پهچڻ بعد پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي آهي ۽ پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون ڪمپنيون بڻجي ويون آهن،اڳواڻن چيو ته حسن ناصر کي شهيد ڪرڻ جو اسٽيبلشمينٽ جو مقصد هن ملڪ ۾ ترقي پسند انقلابي سوچ کي روڪڻو هو، ته جيئن هن ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ذريعي اقتدار تي پنهنجا من پسند عوام دشمن ٽولا مختلف نالن سان مڙهجن، اسٽيبلشمينٽ اڄ سڄي ملڪ جي مختلف شعبن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي عوام کي بک افلاس جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اڄ عوام جي خراب حالت کي نظر ۾ رکندي سمورن ترقي پسند انقلابين کي گهرجي ته حسن ناصر شهيد جي نظرئي تي هلندي منظم ۽ متحد ٿي هڪ نئين بيانئي سان هڪ پليٽ فارم ذريعي جدوجهد ڪن، هنن چيو ته فلاحي رياست لاءِ جدوجهد ذريعي ئي ڀڳت سنگهه شهيد، حسن ناصر شهيد ۽ نذير عباسي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو رستو آهي، پروگرام ۾ غزا ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم ٻارن، عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٻه منٽ خاموش بيهي خراج پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.