لاهور ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث 884 پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ حامين خلاف ڪريڪ ڊائون

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) لاهور ۾ آچر واري رات کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پي ٽي آءِ جي انهن 884 ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ سرگرم آهن ، انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ، ڪيترائي گرفتار به ڪيا ويا  آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته راولپنڊي جي حساس ادارن  انتهائي باريڪ بيني سان جاچ ۽ جيو فينسنگ  رپورٽ جي نتيجن کانپوءِ  9 مئي واقعن ۾ ملوث 884  پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي فهرست تيار ڪري پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حوالي ڪئي آهي۽ گرفتارين جي هدايت ڪئي آهي  ان جي تصديق ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عمران ڪشور پڻ ڪئي آهي.

نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته 9 مئي واقعن ۾ گهربل ڪارڪنن جا موبائيل  نمبر به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنا ويا آهن، چيو وڃي ٿو ته  گهربل ڪارڪن 9 مئي تي سينيئر  اڳواڻن ميان محمود الرشيد، ميان اسلم اقبال، حسان نيازي۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد سان  رابطي ۾ هئا،

گرفتار اڳواڻن جي موبائيل فون مان به  گهربل ڪارڪنن جا نالا۽ تفصيل هٿ ڪيا ويا آهن ، گرفتارين لاءِ سموري ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون  ڪيو ويو آهي  پر پنجاب خاص  طور لاهور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا  وڌيڪ سرگرم آهن.

ان جو مطلب شايد اهو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ گهربل  پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ حامين جي اڪثريت جو تعلق پنجاب سان آهي،  اسد عمر جو سياست کان توبهه تائب ٿيڻ پٺيان به شايد نئين ڪريڪ ڊائون جي ڄاڻ ملڻ آهي.

تازو ميان اسلم اقبال  جي ڀاءُ ميان امجد اقبال به بيان جاري ڪيو آهي ته ميان اسلم ۽ سندس جو پي ٽي آءِ سان  ڪوبه تعلق نه آهي

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 13 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.