نواز ليگ به اسان جي اتحاد جو حصو بڻجي سگهي ٿي:جي ڊي اي اڳواڻ

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) جي ڊي اي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽  سردار عبدالرحيم  چيو آهي ته مسلم ليگ ن به جلد اسان جي اتحاد  جو حصو بڻجي سگهي ٿي، هن ڀيري پ پ کي ٽف ٽائيم ضرور ڏنو ويندو اهڙو اظھار سکر ۾ جي ڊي اي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ سردار عبدالرحيم چيو ته جن ماڻهن جي ڊي اي ڇڏي آهي انهن پنهنجي مرضيءَ سان ڇڏيو آهي اسان جي ڊي اي کي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچائينداسين ۽ پيپلزپارٽي جو مقابلو ڪنداسين، ان ڳالھه جي ڪا به حقيقت نه آهي ته پيپلزپارٽي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي جيڪڏهن سموريون پارٽيون گڏ ٿين ته پيپلزپارٽي کي شڪست ملي سگهي ٿي، هن پارٽي ٻيڙو غرق ڪيو آهي، هن جماعت جي ڪارڪردگي ڪجهه به ناهي ماڻهو پاڻ ئي ڄاڻين ٿا ته هن ڀيري سنڌ جو عوام سندن ساٿ نه ڏيندو، پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر هن ڀيري ان جي ڪوشش ناڪام ٿيندي، اسان ٻين پارٽين سان به رابطو ڪري رهيا آهيون. اتحاد کي مضبوط ڪيو وڃي، شفاف چونڊون بابت سياسي پارٽين جا تحفظات آهن، جن کي دور ڪرڻو پوندو، سنڌ ۾ نگران حڪومت به پيپلز پارٽي جي حڪومت جو تسلسل آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي نظر نه ٿي اچي، جيڪڏهن چونڊن ۾ شفافيت نظر نه آئي ته انهن جو حشر ماضيءَ جهڙو ٿيندو افغانين کي ڪڍڻ جو فيصلو سٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.