ڊي سي ڏکڻ جو لياري جي مختلف علائقا جو اوچتو دورو، اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي سي ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو اگهن جو جائزو وٺڻ لاءِ لياري جي مختلف هنڌن جو اوچتو دورو ڪيو.
ڊي سي طرفان لي مارڪيٽ بس اسٽينڊ، ايل اي مارڪيٽ، کير منڊي، مڇي مارڪيٽ، مختلف گروسري ۽ سبزي منڊين جو دورو ڪيو ويو.
ڊي سي لي مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور جي ڀرپاسي غير قانوني حددخليون هٽرائي ڇڏيون، اي سيز کي صفائي سٿرائي ۽ خوبصورتي جي حوالي سان فوري طور قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون، گڏوگڏ فوٽ پاٿ تي قائم دڪان ۽ ريڙها هٽائڻ جو به حڪم ڏنو.
هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي شهرين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڊي سي اگهه مقرر ڪرڻ، غير قانوني حد دخلين ۽ هيريٽيج عمارتن جي حوالي سان به هدايتون جاري ڪيون.
ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو کارادر ۾ قائم پوليس چوڪي، پارڪس جي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جو به جائزو ورتو، ان موقعي تي اي سي لياري، اي سي گارڊن، اي سي آرام باغ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به ساڻس گڏ هئا.
عوام سهولتن لاءِ ڊي سي جي سرگرمين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.