افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ نئون ڪوٽ ۾ ريلي

نئون ڪوٽ(رپورٽ: زاھد مغل) سڄي سنڌ جيان نئون ڪوٽ ۾ بـ غير ملڪي افغانين سميت ڌارين جي آبادي خلاف شاھين يوٿ ڪائونسل پاڪستان پاران ڊويزنل صدر ذوالفقار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج سان ٻڌي جي  اظهار ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي اڳواڻن پاڪ فوج زنده باد جا نعرا ھڻي غير ملڪي افغاني نامنظور ڌاريا نامنظور جي خلاف نعريبازي ڪئي، ميڊيا سان ڳالھائيندي شاھين يوٿ ڪائونسل جي ڊويزنل صدر ذوالفقار چانڊيو چيو تـ سڄي سنڌ سميت پاڪستان ۾ ترسيل افغاني ۽ غير ملڪي ماڻھون رھن ٿا جنھن ڪري ھتي جو ماحول انتھائي خراب ٿي ويو آهي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون ڏينھون ڏينھن وارڌاتون وڌي رھيون آهن ان سان گڏ پوري ملڪ ۾ منشيات فروشي ۽ ٻين ڪيترن ئي وارڌاتن ۾ افغاني ملوث آهن حڪومت ڌارين جي نيڪالي واري حڪم باوجود اڃان تائين ڪيترائي غير ملڪي ڌاريا سنڌ ۾ آباد آهن جن کي فوري نيڪالي ڏني وڃي.

جسقم پاران درياءَ خان مري ۾ افغانين جي نيڪالي لاءِ ريلي، ڌرڻو، ڊي سيز جي گهيراءُ جو اعلان

حيدرآباد/درياءَ خان مري (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڌاري آبادڪاري جو آهي، جنهن سڀ سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، نگران حڪومت وٽ غير  قانوني افغانين کي واپس موڪلڻ جو ڪو به بندوبست ناهي، افغانين جي نيڪالي لاءِ جسقم سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، مرڪزي پڌرائي ۾ هن چيو ته جسقم جو واضح موقف ۽ گهُر آهي ته سنڌ ۾ 1954ع کان پوءِ آيل سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي، سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جي ماڻهن کان ووٽ ۽ سياست جو حق کسيو وڃي، نوشهروفيروز جي شهر درياءَ خان مري ۾ جسقم مرڪزي سينئر وائس چيئرمين امجد خان مهيسر، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، اياز ڪورائي، ضلعي چيف آرگنائزر فيصل مستوئي، هاشم لغاري، شعبان ماٽي، امام بخش عمراڻي، صوفي خالد چنا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، سرڪار افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، رڳو بيان بازي ڪئي پئي وڃي، نگران سرڪار افغانين جي نيڪالي ۾ سنجيده ناهي،تنهن ڪري سنڌين کي سجاڳ ٿي پنھنجو وطن بچائڻو پوندو، هنن چيو ته افغانين کي ڏيھ موڪلڻ لاءِ سنڌ جي ڊي سيز جو گهيراءُ ڪيو ويندو، جدوجهد کي تيز ڪيو ويندو، ڌرڻي کي جسقم اڳواڻ اياز ڪورائي، فيصل مستوئي، امام بخش عمراڻي، شعبان ماٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

رتيديري ۾ غيرقانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاج

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو ۾ ٻالڪ علمي ادبي سنگت پاران سنڌ مان افغانين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين پاران سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، سنڌ گھري ٿي گو افغاني گو جا نعرا هنيا ويا، ميڊيا سان ڳالهائيندي  ساقي ابڙو، صداقت بوزدار ، حسنين عباس ، ضامن علي ، مومن ويسر ، عبدالڪريم سومرو ۽ ٻين چيو ته  سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي سنڌي عوام جا حق غضب ٿي رهيا آهن سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين سبب امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ سان گڏ لاقانونيت ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي هتي هر غير قانوني ڪم ۾ ڌاريا ملوث آهن ڌارين جي آباد ڪاري سبب سنڌ جي اصل وارثن لاءِ ته نوڪرين جا دروازا بند پيل آهن پر برمين ، افغانين ۽ بنگالين کي هر سهوليت مليل آهي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ئي صوبي ۾ ننڌڻڪا ۽ لاوارث بڻيل آهن هنن چيو ته سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل ڌارين جي لوڌ کي جلد نيڪالي ڏئي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.