پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ٿي ويا آهن ۽ ڇڪتاڻ  گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

نيو نيوز موجب ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي وفد پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.

مسلم ليگ ن جي وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ بشير ميمڻ شامل هئا.پ پ جي وفد ۾ سيد خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ غلام مصطفيٰ شاهه شامل هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وفدن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان تلخي کي گهٽ ۾ گهٽ رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 13 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.