چونڊن بعد به اتحادي حڪومت ٺهندي، ن ليگ ۽ پ پ ۾ اتفاق

لاهور ) عوامي آواز نيوز )  پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي  پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾  ايندڙ حڪومت جي جوڙ جڪ بابت  اسٽيبلشمينٽ سان  آصف زرداري جي فارمولي تحت  ابتدائي معاملا طئه ڪرائي ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي  وڌيڪ اڳڀرائي جو  امڪان ظاهر  ڪيو ويو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته  آصف زرداري فارمولو ڏنو ته  ايندڙ حڪومت گذريل 16 مهينن جي حڪومت جو تسلسل هجڻ گهرجي، جنهن ۾ اهي سڀ پارٽيون شامل هجن جيڪي گذريل 16 مهينن جي  پي ڊي ايم حڪومت ۾ شامل هيون ، جيڪڏهن ن ليگ چونڊن ۾  اڪثريت حاصل ڪري ورتي ته وزيراعظم ان جو هجڻ گهرجي.

ٻئي نمبر تي ايندڙ پارٽي جو صدر هجڻ گهرجي ۽ اهم وزارتن جي ورڇ به وزن آڌار ٿيڻ گهرجي،  ان فارمولي تي ن ليگ اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي  اعتماد ۾ وٺڻ  جي ذميواري  آصف زرداري کنئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۽ بلوچستان جي حڪومت سان  گڏ صدارت به گهري رهيو آهي،  جنهن بابت آصف زرداري ساڻس ڳالهيون ڪندو.

ذريعن موجب  ابتدائي طور آصف زرداري فارمولي سان  نواز شريف اتفاق ڪيو آهي، اهو به طئه ٿيو آهي ته  چونڊن ۾ هر پارٽي پنهنجي منشور تحت حصو وٺندي، هڪٻئي خلاف بيانن جي گولا باري به ٿيندي پر چونڊن کانپوءِ اتحادي حڪومت قائم ٿيندي ان جو ثبوت اهو به آهي ته  پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي پٽ راول شرجيل جي وليمي واري دعوت ۾ بشير ميمڻ کي خاص طور دعوت ڏئي گهرايو ويو.

جتي آصف زرداري سان سندس ملاقات به ڪرائي وئي، ٻئي  اڳواڻ هڪٻئي سان ڪنن ۾ ڳالهيون به ڪندا رهيا،  خواجه سعد رفيق ۽ اياز صادق به  دعوت ۾ شرڪت ڪئي.

  ان سموري سياسي  سٽ کي سلجهائڻ ۾  پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ٽياڪڙي طور  اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ن ليگ اڪثريت سان  ڪامياب ٿي ته وزيراعظم نواز شريف هوندو ،جڏهن ته صدر آصف زرداري هوندو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان به حصيداري بابت  معاملا طئه ڪيا ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 13 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.