ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ گوادر ۾ ڊاڪٽر نور ظهير جي گهر ۾ وڃي ڊاڪٽر نور ظهير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نور ظهير پنهنجي پنهنجي خاندان ۽ دوستن سميت نيشنل پارٽي جي اغراض ۽ مقصد تي اتفاق ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت تي اعتماد ڪندي نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان کانسپاءِ ماڙه جي مشهور ڪاروباري شخصيت مير رسول بخش ۽ مير نصير احمد به نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ملاقات ڪري پنهنجي خاندان سميت نيشنل پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.