مٽياري(ڊ ر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، صوبائي حڪومت، ضلعي انتطاميه توڙي لاڳاپيل ادارا اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن، 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ضابطه اخلاق تي عمل کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪئي ويندي ته جيئن عوام پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري ۾ ايندڙ عام چونڊن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي آفيسرن سان هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي دوران ڪيو. گڏجاڻي بعد اليڪشن ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ مصري جکريجا، غوثيه مدرسه ۽ ڳوٺ ڳهيلا ۾ پولنگ اسٽيشن قرار ڏنل عمارتن جو دورو پڻ ڪيو.