اين جي اوز اڳواڻ افغانين جي ملڪ بدري جي مخالفت ڪرڻ لڳا

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان حڪومت طرفان افغان پناهگيرن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جي فيصلي خلاف مختلف اين جي اوز طرفان  جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن وڪيل ساره ملڪاني، زوهي علوي، پروفيسر رياض احمد، ماهين جاويد، منير خان ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نگران حڪومت، ڪورٽون پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن، ملڪي ۽ عالمي قانونن جي لتاڙ ڪندي افغان پناهگيرن کي زبردستي افغانستان ڌڪيو وڃي ٿو، جتي خاص طور تي عورتن، کدڙن ۽ ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي. هنن چيو ته نگران حڪومت جي افغان شهرين خلاف ان عمل ڪري پاڪستان جي پشتون آباديءَ کي به سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت زبردستي سان افغانين کي افغانستان موڪلڻ واري عمل خلاف پنهنجي مليل اختيارن کان هٽي ڪري پنهنجن عملن ۽ نااهلين کي لڪائڻ آهي ۽ نگران حڪومت انساني حقن ۽ آئين کان مٿي نه آهي ۽ پنهنجي هر عمل جي ذميوار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.