ڪراچي: نگران صوبائي وزير جو نوجوان ڀاءُ ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو.
پوليس اختيارين موجب فوتي محمد حسن مري گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان هينڊز فري لڳائي گهمي رهيو هو، هو نگران صوبائي وزير خدا بخش مري جو ڀاءُ آهي.
نگران وزير خدا بخش مري جي ترجمان موجب فوتي جي جنازي نماز سڀاڻي صبح 10 وڳي ڳوٺ قادر نگر ملير ۾ ادا ڪئي ويندي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي ٻين رخن کان به جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.