ڪافر اسان جي خاتمي لاءِ گڏجي ويا آهن، عرب ۽ عجم مدد ڪن: حماس

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس اڳواڻ خالد مشعل چيو آهي ته ڪافر غزا جي مسلمانن خلاف گڏ ٿي ويا آهن، عرب ۽ عجم اسان جي حمايت ۾ بيهن.
فلسطين ۾ اسرائيل جون وحشياڻيون ڪارروائيون جاري آهن، عرب ليگ ۽ او آءِ سي جهڙيون مسلمان تنظيمون رڳو جنگبندي جو مطالبو ڪندي نظر اچن ٿيون.
غزا جي موجوده صورتحال تي حماس جي اڳواڻ خالد مشعل چيو آهي ته ڪافر غزا جي مسلمانن جي خاتمي لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، فلسطين ۾ مسجدن، مدرسن، اسپتالن تي بمباري ٿي رهي آهي، عرب ۽ عجم اسان جي حمايت ۾ بيهن.
هن مسلم امت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان به ريت اسان جي مدد ڪري سگهو ٿا ڪيو، فلسطين جي آزادي تائين اسان وڙهندا رهنداسين ۽ ڪاميابي اسان جو مقدر هوندي، هن جنگ ۾ اسان کي توهان جو ساٿ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.