29 سالن جي نوجوان سوشل ميڊيا انفلوئينسر سرجري دوران فوت

برازيليا (ويب ڊيسڪ) 29 سالن جي برازيلين سوشل ميڊيا انفلوئينسر لوانا اينڊراڊ فوت ٿي وئي آهي.

ريئلٽي ٽي وي استار ۽ سوشل ميڊيا انفلوئينسر جي گوڏن جي سرجري ڪئي پئي ته سندس ڦڦڙن تي اثر ٿي ويو ۽ رت جون ناليون بند ٿي ويون جنهن سبب فوت ٿي وئي.

سرجري دوران کيس دل جو دورو پيو هو ۽ اها سرجري اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهي هئي.

مقبول اسٽار جي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.