پيسا ڪمائڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪر جي غيراخلاقي حرڪت، سڀ ڪاوڙ ۾ اچي ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ويوز وٺڻ لاءِ ماڻهو ڪڌيون حرڪتون ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ٽڪ ٽاڪر به اهڙي ڪڌي حرڪت ڪئي جو سڀ ڪاوڙ ۾ اچي ويا.

23 سالن جي فرح شمس نالي ٽڪ ٽاڪر لنڊن ۾ هڪ اسپتال ۾ ڪيترن ئي مريضن سامهون اوچتو فرش تي ليٽي دانهون شروع ڪيون ته هو مرڻ واري آهي، هو مرڻ واري آهي.

ان موقعي تي ٽڪ ٽاڪر جو دوست سڀ ڪجهه رڪارڊ ڪري رهيو هو، ڪجهه دير بعد ماڻهو سندس ويجهي آيا ته هو اٿي بيهي رهي ۽ کلڻ لڳي ۽ هن چيو ته منهنجي ڪنهن مدد ڇو نه ڪئي؟

واقعي بعد وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن جا ٽڪ ٽاڪ تي لکين ويوز ٿي ويا پر اڪثر ماڻهن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته اهڙي غيراخلاقي ۽ ڪڌي حرڪت نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.