ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ چئن سال جي ٻار کي بازياب نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي جاچ آفيسر کي چيو ته ٻار2021۾ گم ٿي ويو آهي،هن مهل تائين اوهان ڪجهه نه ڪيو آهي،ڇو نه اوهان کي جيل موڪليو وڃي،جاچ آفيسر چيو ته 10جي آءِ ٽي ۽7صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته 5ڊسمبر تائين ٻارکي بازياب ڪري پيش ڪيو وڃي نه ته جاچ آفيسر جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي .
ڪراچي ۾ اهم روڊن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ شهر ۾ مرڪزي روڊن ۽ اهم جاين تي حدخلين تي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اينٽي انڪروچمنٽ فورس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري فوري حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ،جسٽس نديم اختر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته قيوم آباد سميت ٻين علائقن مان حدخليون ختم ڪيون وڃن .شهر جي بائي ويز تان به حدخليون ختم ڪيون وڃن .