ڪراچي (رپورٽر) ابراهيم حيدري ۾ مهاڻن کي هٿ آيل 70 ڪروڙ ماليت جي ناياب نسل جي سووا مڇي وڪرو ٿيڻ بعد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ڪميشن 7 ڪروڙ 70 لک اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿي، ايڊمنسٽريٽر رقم پاڻ وٽ رکي ڇڏي. گذريل رات ابراهيم حيدري ۾ حاجي يونس بلوچ جي ٻيڙي وارن کي 70 ڪروڙ جي سووا مڇي هٿ اچڻ کانپوءِ ڪراچي فش هاربر فشرمينز ڪوآپريٽو سوسوسائٽي جي مڇي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي وئي. جنهن ۾ فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي مقرر ڪميشن 7 ڪروڙ 70 لک رپيا اڃا تائين فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڪائونٽ ۾ جمع ناهن ٿيا، جنهن بابت معلوم ٿيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي اها رقم جمع ڪرائڻ کان لنوائي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي پاڪستان فشرفوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر ٻن سال کان غيرقانوني تي طور تي ايڊمنسٽريٽر طور ويٺل آهي ۽ سوسائٽي جي اليڪشن ۾ پڻ وڏي رنڊڪ بڻيل آهي سعيد بلوچ وڌيڪ چيو ته ماهيگرن جي سمورن فورمن جو مطالبو آهي ته سوسائٽي جي چونڊ ڪرائي وڃي ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ غيرقانوني طور تي ويٺل ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي کي هٽايو وڃي. عوامي آواز پاران فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ڊائريڪٽر زاهد ڀٽي کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر زاهد ڀٽي ڪال وصول ڪرڻ بجاءِ ڪٽي ڇڏي. ٻئي پاسي فشرمين سجاگ فورم جي چيئرمين محمد بخش جت ، پاڪستان فشرفوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، لاڙا فشرمين جماعت ڪنده جي صدر حاجي حنيف لاڙا، ڪراچي فشرمين جماعت جي حاجي سليامن ماڙيوالا بيان جاري ڪندي چيو ته سوسائٽي جي ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي کي هٽايو وڃي ۽ سوسائٽي کي ملندڙ ڪميشن ۾ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.