اسلام آباد: شيخ رشيد ۽ سيشن جج ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ سبب عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. سيشن جج پڇاڻو ڪيو ته شيخ صاحب ڪهڙا حال آهن؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته سپليمينٽري ۾ نالو وڌو ويو آهي، گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي ۽ گاڏيون به کنيون ويون آهن. عدالت چيو ته پنج هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن تي شيخ رشيد چيو ته جيڪي مچلڪا جمع ڪرائيندا آهن انهن کي به کنيو ويندو آهي. اڄ ته بينڪ به بند آهي! جنهن تي جج طاهر عباس سپرا چيو ته شيخن واري ڳالهه ڪري ڇڏي اٿو؟ جج جي ريمارڪس تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا
بلديا ٽائون ۾ ويلڊنگ دوران ڌماڪو،2 ڄڻا فوت
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي بلديا ٽائون جي علائقي يوسف ڳوٺ ٽرمينل جي ڀرسان آئل ٽينڪر ۾ ويلڊنگ جي دوران اوچتو زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا فوتين جي سڃاڻپ 18 سالن جي علي ۽ 40 سالن جي بلال جي نالن سان ٿي آهي،