ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ويجهو بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن کوسي جي رهواسڻ يتيم نياڻي 7 سالا فريده کوسي سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. رات دير سان بڪيرا شريف ٿاڻي تي نينگري جي ڏاڏي رمضان کوسو جي فرياد تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگري گاهه ڪري واپس گهر اچي رهي هئي ته رستي ۾ جوابدارن عيسيٰ کوسو ۽ شاهد کوسي زبردستي نينگري کي ڪيلي جي فصل ۾ وٺي وات ۾ ڪپڙو ڏئي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو. واقعي جو ايس ايس ٽنڊوالهيار جي نوٽيس وٺڻ بعد بڪيرا پوليس گذريل ڏينهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ گل حسن کوسو تي چڙهائي ڪئي ھئي پر ٻئي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا. جنهن بعد پوليس مک جوابدار شاهد کوسو جي والد علي حسن کوسو کي گرفتار ڪيو، جنهن بعد جوابدار شاهد کوسو ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏني. جڏهن ته ٻي جوابدار عيسي کوسي جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌ تي ڇاپا هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو ، پوليس ٻنهي جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس ٻن ڏينهن جي رمانڊ وٺڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو. ٻنهي جوابدارن ٻڌايو ته اسان ڪيلي جي فصل ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين نينگري به گاه ڪرڻ آئي جتي اسان کين زيادتي ڪئي. جڏهن ته نينگري جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هلندڙ آهي. ٻي پاسي ٽنڊوالهيار جي وڪيل منصور حيدر جروار نياڻي جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. وڪيل منصور حيدر جروار موجب جيڪڏهن يتيم نينگري جا وارث راضي هوندا ته آئون سندن ڪيس مفت ۾ وڙهندس.