ڪراچي:عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ جي ڊاهڻ جي ڪوشش،هزارين رهواسين جو ڌرڻو

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري)  ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ G  بلاڪ کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهڻ لاءِ پوليس، روينيو، اينٽي انڪروچمنٽ سيل جا وڏا اٽالا پهچي ويا،هزارين رھواسي عورتن ٻارڙن سميت گھرن کان ٻاھر نڪري آيا رھواسين سياسي سماجي ماڻھن جو پنجن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاھرو علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم پوليس روينيو ۽ بلڊر خلاف سخت نعريبازي خبرموجب عبدالله شاھ غازي ڳوٺ بلاڪ جي غيرقانوني طور تي ڄاڻائي ڊاھڻ لاءِ پوليس انڪروچمينٽ فورس توڙي روينيو جا عملدار پھچي ويا غازي ڳوٺ جي بلاڪ کي ڊاھڻ لاءِ پوليس جي اٽالن جي پھچڻ کان اڳ ئي  هزارين رھواسي عورتن ٻارڙن سميت گھرن کان ٻاھر نڪري آيا جڏھن تـ سياسي سماجي ماڻھو پڻ غازي ڳوٺ پھچي ويا رھواسين ۽ سياسي سماجي ماڻھن طرفان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري پوليس انڪروچمينٽ فورس روينيو ۽ بلڊر خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ غازي ڳوٺ جي بلاڪ يونين جي صدر محرم راڄپر، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اعجاز سامٽيو، پ پ شھيد ڀٽو جي اعجاز منگي، وڪيل ضمير ڪلھوڙو ،رياض ڪانڌڙو، دين بانگو، فقير ارشاد لغاري ۽ ٻين چيو تـ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِبلڊر طرفان پوليس روينيو جي عملدارن کي رشوت ڏني وئي جنھن سبب پوليس ۽ روينيو جي عملدارن طرفان عدالت سڳوري کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آھي جڏھن تـ ھتي اڍائي ھزار کان وڌيڪ گھر قائم ٿيل آھن محنت مزدوري ڪري غريب ماڻھن پلاٽ خريد ڪري پنھنجا گھر ٺاھيا آھن جيڪي مسمار ڪرڻ لاءِ بلڊر مافيا طرفان ٻين مختلف ادارن جي عملدارن کي رشوت ڏئي انھن کي مسمار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جيڪي ڪڏھن بـ برداشت نـ ٿيون ڪري سگھجن ھنن وڌيڪ چيو تـ پاڪستان پوسٽ آفيس ايمپلائز ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ڪينسل ٿيل آهي هي بلڊرن جي سازش آهي عدالت پنھنجي ڏنل فيصلي تي نظر ثاني ڪري هزارين رهائشي آباد ٿيل آهن جن کي بجلي گئس سميت ٻيون سموريون سرڪاري سهولتون پڻ ڏنيون ويون آھن مگر انھن گھرن کي غيرقانوني ڄاڻائي ڊاھڻ ڪٿان جو انصاف آھي ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي ھوڏانھن پنجن ڪلاڪن جي احتجاج کانپوءِ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سچل ڳوٺ اورنگزيب خٽڪ مظاھرين سان ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ بعد پوليس جا اٽالا واپس روانا ٿي ويا

عدالت کي ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: پ پ اڳواڻ

گلشن اقبال: پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور وساڻ ڌرڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته عبدالله شاهه غازي  ڳوٺ کي ٺهي 20،25 سال ٿيا آهن، غريبن جي جمع پونجي لڳل آهن، عدالت جو احترام ڪريون ٿا، بلاڪ جي واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، بلڊر مافيا ڳوٺ ڊاهڻ چاهي ٿي، پ پ جو بل پاس ٿيل آهي  ته ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي،

سوسائٽي جي زمين اڳ ئي ڪينسل ٿي چڪي هئي: وڪيل

گلشن اقبال: وڪيل چيو آهي ته پوسٽ آفيس سوسائٽي جي زمين ڪينسل ٿي چڪي  هئي، جيڪا 1993ع ۾ 26 سيڪٽر ڏانهن منتقل ٿي وئي هئي، روينيو،پوليس عدالت کي حقيقي صورتحال ٻڌائڻ گمراهه ڪري رهي آهي

قابض بحريا ٽائون خلاف ته ڪارروائي نٿي ٿئي: اعجاز منگي

گلشن اقبال: اديب ۽ دانشور اعجاز منگي چيو ته اسان جا سنڌي ٻچن سميت روڊن تي ويٺل آهي، رياست کي ان ڳالهه تي ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي، 15 سال پ پ جي حڪومت رهي، ٻوڏ متاثر اڃا تائين دربدر آهن، هي غريب ويچارا ڪيڏانهن ويندا، بحريا  ٽائون قبضي جي زمين تي آهي، اتي نه ڪارروائي نٿي ٿئي، ملڪ جو مالڪ هتي اُس ۾ ويٺل آهي، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ڊاهڻ واري فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو، ماڻهن وٽ ماني کائڻ لاءِ پئسا ناهن، توهان ۽ اسرائيلين ۾ ڪهڙو فرق آهي، ڌرتي ڌڻين سان ناروا سلوڪ پيو ٿئي، ججن کي به الله عقل سان گڏ ٿورو اخلاق ڏئي

عوام جو وڏو انگ آهي، پوليس چڙهائي نٿي ڪري سگهي: ڊي ايس پي

گلشن اقبال: ڊي ايس پي سچل چيو ته عوام جو وڏو انگ ڌرڻي ۾ شريڪ آهي، پوليس چڙهائي نٿي ڪري سگهي، اهي اسان جا ڀائر آهن، عوام  ۽ پوليس جو چولي دامن جو ساٿ آهي، هر مسئلي جو حل ڳالهين جي ميز تي ويهڻ آهي، چڙهائي وارو معاملو مسئلي جو حل ناهي،  جڏهن اهو ڳوٺ قائم ٿي رهيو هو ته ان وقت ادارا ڪٿي هئا، هاڻي ته غريبن جا ڪيترائي گهر ٺهي چڪا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.