ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏيڻ ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي  ته ليول پليئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار آهي.سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدر عارف علوي جي ليول پلينگ فيلڊ بابت بيان تي تنقيد جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي ترجمان صدر جي بيانن کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيڻ جي مذموم ڪوشش جي سخت مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي مقرر ڪيل مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ وزارت رکندڙ شخص کي غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقي سان صدر کي آئين سيکارڻ تي شرم اچڻ گهرجي.پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف کي مسلسل ليول جي ميدان کان محروم رکڻ ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو شرمناڪ ڪردار ڪنهن کان ڳجهو ناهي، تحريڪ انصاف کي سياسي گڏجاڻين جي اجازت کان محروم رکڻ، اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن جي جبري گمشدگين ۾ مجرماڻي سهولتڪاري ڪندڙن کي آئين جو ذڪر ڪرڻ نٿو سونهين.تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب ڪا به رياستي سازش عوام ۾ تحريڪ انصاف جي وڌندڙ مقبوليت کي گهٽائي نه ٿي سگهي، پرامن جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.