پوني(م ڊ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا مچل مارش جي طوفاني بيٽنگ جي بدولت بنگلاديش کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪينگروز 307 رنس جي هدف 45هين اوور ۾ 2 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. مچل مارش 177 رنس جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، گذريل ڏينهن پوني ۾ کيڏي ويلن ٽورنامنٽ جي 43هين ميچ ۾ بنگلاديش پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 50 اوورز ۾ 8 وڪٽن جي نقصان تي 306 رنسون ٺاهيو، توحيد هردوئي سب کان وڌيڪ 74 رنسون ٺاهيون، ٻين بيسٽمين ۾ نجم الحسين 45، لٽن داس ۽ تنزيد حسن 36، 36، محمود الله 32، مهدي حسن ميراز 29 ۽ مشفق الرحيم 27 رنس ٺاهي نمايان رهيا، آسٽريليا طرفان شان ايبٽ ۽ ايڊم زامپاني 2، 2 وڪٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ آسٽريليا گهربل هدف مچل مارش جي طوفاني بيٽنگ جي بدران 44.4 اوورز ۾ 2 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، مچ مارش 132 بالن تي 9 ڇڪا ۽ 17 چڪن جي مدد سان ناقابل شڪست 177 رنس ٺاهيون، سٽيون سمٿ 63 ۽ ڊيوڊوارنر 53 رنس جي عمده اننگز کيڏي.