لاهور ( عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪري سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو اتي ختم نه ٿيندو، نامياري صحافي امداد سومري موجب اسد عمر جلد ڪنهن ٽي وي چينل تي انٽرويو ڏيندي نظر ايندو، جنهن ۾ هو اهم انڪشاف ڪندو، جنهن کانپوءِ عمران خان۽ پي ٽي آءِ لاٰءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ، جڏهن ته ڪير اهو به نه چئي سگهندو ته اسد عمر کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽کيس زوري انٽرويو ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ، جيئن ٻين لاءِ چيو وڃي ٿو ، مطلب ته پي ٽي آءِ لاءِ چونڊن کان اڳ ڏکيائيون وڌي رهيون آهن