اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر مڪمل طور تي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوامي زندگي بعد هن سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مون سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پهريان به چئي چڪو آهيان ته رياستي ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي سان متفق نه آهيان ۽ اهڙي پاليسي رياستي ادارن سان سخت ٽڪراءَ جو سبب بڻي آهي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي هو انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهي جن عوامي زندگي ۾ سندس ساٿ ڏنو خاص طور تي اين اي 54 جي ٽيم ۽ ووٽرن جو ٿورا مڃڻ چاهي ٿو جن کيس ٻيهر چونڊيو.