حيدرآباد(رپورٽر) جيئي اسٽوڊنٽس فيڊريشن(آريسر) پاران دائود يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ، فرسوده تعليمي نصاب، فيسن ۾ ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف، فورسز جي نيڪالي ۽ ٻين مسئلن جي حل جي لاءِ حيدرآباد جي علائقي شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي، جساف جي مرڪزي صدر اسد سنڌيار، نائب صدر سرمد لغاري، علي عمراڻي، مرتضي آريسر، سرمد لطيف، جي ايم نهڙيو ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽين ۾ فيسن ۾ مسلسل اضافي سبب سنڌ جا لکين شاگرد تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌارين لاءِ داخل کليل آهي، پر ڌرتي ڌڻي سنڌي شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن، ڪراچي يونيورسٽي مان ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪئي وڃي.