اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) نيب اختيارين القادر ٽرسٽ ۽ توشاخانا ڪيسن ۾ بشريٰ بي بي خلاف ناقابل ترديد ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن ڪري بشريٰ بي بي جي گرفتاري جا امڪان وڌي ويا آهن ، نامياري صحافي عاصمه شيرازي چيو ته ان حوالي سان نامياري صحافي انصار عباسي به خبر شايع ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته نيب هٿ ڪيل ثبوتن جي آڌار باريڪ بيني سان جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي ، اهو ممڪن آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيب وٽ بشريٰ بي بي جي حيثيت شاهد مان تبديل ٿي جوابدار ٿي ويندي جنهن کانپوءِ سندس گرفتاري جا امڪان وڌي ويندا