ڪراچي ( رپورٽر) اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري هندن جي مذهبي تهوار ڏياري جي موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن هندن خاص ڪري سنڌ جي هندن کي مبارڪباد ڏني آهي. آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته 1973 جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو، اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي معاشري لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جتي امن ۽ رواداري جو ڪلچر هجي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جي حيثيت سان اسان سڀني کي گڏجي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت جي نظريي کي شڪست ڏيڻي آهي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ هندو برادري جون ملڪ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.