ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ اڳوڻن ايم اين ايز، ايم پي ايز توڙي پارٽي اڳواڻن ڌار ڌار ملاقات ڪري پنهنجن ضلعن جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏني آهي، ٺٽي سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ٻين شيرازي ڀائرن پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويو. اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ٺٽي جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين غلام قادر پليجو پڻ پيپلزپارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪئي ، ملاقات دوران سسئي پليجو ۽ غلام قادر پليجو پ پ چيئرمين کي ٺٽي ضلعي جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏني. اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان مهر پڻ ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران شڪارپور جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.پيپلزپارٽي چيئرمين سان اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ پ پ ٽنڊو الهيار جي جنرل سيڪريٽري ظهير پتافي پڻ ملاقات ڪئي،هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي نوابزاده ڄام شبير علي خان جي بلاول ھائوس ڪراچي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ ضلعي سانگهڙ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيوته پ پ سدائين جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو آھي ضلعي سانگهڙ جي عوام ھميشه پ پ جو ساٿ ڏنو آھي ھن چيوته جڏھن به اليڪشن جو اعلان ٿيندو آھي ته سنڌ ۾ پ پ مخالفن جو اسان خلاف اتحاد ٺھندو آھي پر انهن اتحادن کي سدائين سنڌ جو عوام تير تي ٺپو ھڻي کين سياسي طور تي دفن ڪري ڇڏيندو آھي ايندڙ اليڪشن به عوام جي طاقت سان اسان کٽي ڏيکاينداسين