لاهور جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جا لنڊن ۽ دبئي ۾ فليٽ هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري وي لاگر عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ صحافي عثمان منظور جي رپورٽ جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي اهم فوجي جنرل جيڪو اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل(ر) مشرف جو ملٽري  سيڪريٽري رهيو پنهنجي ملازمت دوران ڪور ڪمانڊر لاهور طور لنڊن ۾ جڏهن ته رٽائرمينٽ جي فوري بعد دبئي ۽ منهٽن ۾ لگزري اپارٽمينٽ حاصل ڪيا،رپورٽ موجب پهرين پاڪستاني ٽيڪس اختيارين کان انهن جائيدادن کي لڪائي رکيو پوءِ ادارن ۽ عوام کان حقيقتن ۽ انهن ملڪيتن جي حصول لاءِ آمدني ذريعن جي باري ۾ مسلسل غلط بياني ڪئي، جاچ ڪندڙ ادارا مڪمل ثبوتن باوجود جي ايڇ ڪيو جي خوف سبب اڄ تائين ڪا ڪارروائي نه ڪري سگهيا، رپورٽ موجب جنرل(ر) شفاعت ڊڪٽيٽر مشرف جو ملٽري سيڪريٽري، ڪور ڪمانڊر لاهور ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف به رهيو، ان کان پهرين فيڪٽ فوڪس ڊڪٽيٽر مشرف جي ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري جنرل(ر) عاصم سليم باجوا ۽ هن جي خاندان جي دنيا ۾ اثاثن جي باري ۾ رپورٽ ڪري چڪو آهي.رپورٽ موجب 2007ع ۾ جڏهن جنرل لاهور جو ڪور ڪمانڊر هو ته هن ڀارتي بزنيس مين اڪبر آصف کان لنڊن ۾ پنهنجي زال فريحه شاهه جي نالي تي هڪ قيمتي اپارٽمينٽ حاصل ڪيو جيڪو هڪ آف شور ڪمپني جي نالي تي رجشٽرڊ هو، پاڪستان جي ٽيڪس دستاويزن مطابق جنرل شفاعت 2007ع ۾ تقريبن 8 لک آمدني ظاهر ڪئي، يعني هن جي ماهوار آمدني 67 هزار رپيا هئي، هن پوري سال جو ٽيڪس 73 هزار 785 رپيا ادا ڪيو، اهڙي طرح 2008ع ۾ جنرل شفاعت 8 لک 57 هزار آمدني ظاهر ڪئي، هن 60 هزار چيرٽي کي ڏنا، اهڙي طرح هن جي ٽيڪس قابل آمدني تقريبن 7لک 90 هزار هئي، هن پوري سال جو ٽيڪس تقريبن 69 هزار ادا ڪيو، ان طرح جي مالي حالتن ۾ به ان وقت جي ڪور ڪمانڊر لاهور لنڊن جي اهم علائقي اهو قيمتي اپارٽمينٽ حاصل ڪري ورتو، 2016ع ۾ پاناما پيپرز ۾ اپارٽمينٽ جي مالڪ آف شور ڪمپني جو نالو اچي ويو ۽ 2017ع ۾ جنرل شفاعت جي گهرواري اهو اپارٽمينٽ پنهنجي ٽيڪس ريٽرن ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو، پر ان جي قميت اڌ کان به گهٽ ٻڌائي، 2021ع ۾ جڏهن پينڊورا پيپرز جاري ٿيا ته انهن ۾ نه رڳو ان ڪمپني جي ملڪيت جو پتو لڳيو بلڪه اها به خبر پئي  ته جنرل شفاعت اهو اپارٽمينٽ ڪڏهن حاصل ڪيو، آءِ سي آءِ جي جي پينڊوا پيپرز جي رپورٽنگ کانپوءِ جڏهن تفصيل سامهون اچڻ لڳا ته جنرل شفاعت لنڊن ۾ اپارٽمينٽ حصل ڪرڻ کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ ڇهه مختلف دعوائون ڪيون عمران شفقت چيو ته يا ته صحافي عثمان منظور کي پڪڙيو وڇي يا جنرل(ر) شفاعت کان پڇاڻو ڪيو وڇي ته لاهور جو ڪور ڪمانڊر هوندي ڀارتي بزنيس مين سان سندس ڪهڙا لاڳاپا هئا، هتي وزيراعظم سان ڀارتي واپاري ملي تي وزيراعظم غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، هتي وزيراعظم سان ڀارتي وزيراعظم بغيرشيڊول جي چانهه پيئڻ اچي وڃي ته غدار،ڪير به نه پڇندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.