غزا ۾ اسرائيلي گهيرو ختم ڪري امداد فراهم ڪئي وڃي: اسلامي سربراهه ڪانفرنس

رياض(م ڊ)  عرب ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن غزه م گذريل 5 هفتن کان جاري اسرائيلي جارحيت ۽ وحشياڻن حملن کي برداشت ڪندڙ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي 11 هزار فلسطينين جي قتل جي  شديد مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته ان مسئلي جي فوري حل ۽ انساني بحران کي ختم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب جي ميزباني ۾ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ غزه جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ عرب ۽ اسلامي دنيا جا اڳواڻ گڏ ٿيا. سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين کي فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ان صورتحال کي انساني تباهي قرار ڏيندي چيو ته هي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اسرائيل طرفان عالمي انساني قانونن جي سنگن خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو. هن 1967ع جي بنياد تي فلسطين رياست جي قيام سميت اسرائيل جي قبضي ۽ غيرقانوني اسرائيلي وسندين جي خاتمي ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي تي زور ڀريو. فلسطين جي صدر محمود عباس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته غزه کي نشانو بڻائڻ سميت اسرائيلي فوج والاريل اولهندي ڪناري ۾ به ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هن اسرائيل جي جارحيت، مقدس جاين تي قبضي، انهن جي بي حرمتي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. هن ڪنهن به فوجي ۽ سيڪيورٽي حل کي رد ڪندي چيو ته هو غزه يا اولهه ڪناري تان پنهنجي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ٿو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فلسطين ۾ دنيا جي تاريخ جا بدترين ڏوهه ٿي رهيا آهن. سموري اسلامي دنيا کي ان مسئلي جي حل لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. او آءِ سي کي مسلمان ملڪن وچ ۾ اتحاد لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ قتل عام ۽ تباهي جي رستي تي گامزن آهي، جيڪو عالمي قانونن جي خلاف ورزين کان سواءِ ڪجهه به ناهي. هن وقت غزه دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻيل آهي. هن چيو ته غزه جي رهواسين خلاف هر قسم جا منع ٿيل هٿيار استعمال ڪيا پيا وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 5 هفتن ۾ 11 هزار معصوم شهري مارجي ويا آهن. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو ته قتل گهيراءَ ۽ فلسطينين جي زبردستي لڏپلاڻ ذريعي اجتماعي سزا جو تصور مذمت جوڳو آهي. ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته اسرائيلي فوج معصوم فلسطينين کي نشانو بڻائي رهي آهي. معصوم ٻارڙن جا لاش ڏسي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي بمباري تي دنيا جي خاموشي افسوسناڪ آهي. اسرائيلي عملدار غزه ۾ ٿيندڙ ظلم جا ذميوار آهن. قدر جي امير شيخ تميم  بن حمد الثاني عالمي برادري تي زور ڀريو هو فلسطين جي بحران جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي ۽ اسرائيل کي جارحيت جاري رکڻ کان روڪي. هن چيو ته سرڪاري انگن اکرن مطابق هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 11078  فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 4506 معصوم ٻار ۽ 3027 عورتون شامل آهن. واضح رهي ته ان غيرمعمولي سربراهه اجلاس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته غزه ۾ قتل عام فوري طور تي روڪيو وڃي، پاڪستان 1967ع جي سرحدن مطابق فلسطين رياست جي قيام جو حامي آهي، جنهن جي گادي وارو هنڌ القدس هجي، ناانصافي ۽ معصوم شهرين جو قتل عام وڌيڪ تڪرارن کي جنم ڏيندو. ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب جي ميزباني فلسطين صورتحال تي غور لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي غيرمعمولي سربراه اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل هڪ جارحيت پسند ۽ قبضو ڪندڙ ملڪ آهي، 70 سال پهرين گڏيل قومن پنهنجي منظور ڪيل قرارداد ذريعي ان مسئلي جي حل جو فيصلو ڪيو. غزه تي اسرائيلي بمباري سان اسپتال، اسڪول ۽ گڏيل قومن جون آفيسون به محفوظ ناهن رهيون. هن چيو ته غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي تحت انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. غزه کي امداد فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مصر جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري طور جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪري. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي جنگ بندي جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. سلامتي ڪائونسل تي غزه ۾ قتل عام روڪرائڻ جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.