ملڪي مسئلن جو سبب سياستدان ۽ ادارا آهن: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته پنجاب ۽ وفاق ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت ٺهندي، ملڪ جي مسئلن جو سبب سياستدان ۽ ادارا ٻئي آهن.سردار  منصب ڊوگر، احمد رضا مانيڪا، پير نظام الدين سيالوي ۽ ٻين شخصيتن جي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جي موقعي تي ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فتنا منصوبو شروع ڪيو ويو. سيال شريف ۽ پير نظام الدين هاڻي اسان سان گڏ آهن ۽ اسان جو ساٿ ڏيندا.هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪندڙ ٻڌائين ته ڇا مسلم ليگ ن  زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي. ميان نواز شريف پنجاب جي هر ڊويزن ۾ جلسو ڪندو، اڄ جيڪڏهن بجلي مهانگي آهي ته ان جو سبب آءِ ايم ايف معاهدو آهي.هن چيو ته هر پارٽي کي پي ٽي آءِ جهڙي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. عوام پي ٽي آءِ جي خطري واري سياست کان بيزار ٿي چڪو آهي. ڪنهن کي به ناراض رهڻ نه ڏينداسين، سڀني کي راضي ڪنداسين

اجازت نه ملڻ سبب پي ٽي آءِ جو اڄ ڪراچي ۾ رٿيل جلسو ملتوي

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 12 نومبر(اڄ) تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي کي اجازت نه ملڻ سبب ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلي جي  اجازت نه ملڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري سبب ملتوي ڪئي وئي، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي غير جانبداري تي سخت ڳڻتي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان ريلي جي حوالي سان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، عدالت جي حڪم تي پي ٽي آءِ جلد ڪراچي ۾ ريلي جي نئين تاريخ جو اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.