حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت 29 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ مشھور صنعتڪار اقبال زيڊ ايم ۽ سندس ٻن پٽن سميت 6 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيڻ تي پوليس کين گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو. نيب حيدرآباد جي عدالت ۾ مشھور صنعتڪار اقبال زيڊ ايم ۽ ٻيا جوابدار 29 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته نيب طرفان 2013ع ۾ اقبال زيڊ ايم ۽ ٻين تي 29 ارب رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد احتساب عدالت کي اھو ريفرنس اماڻيو ويو ھو، اڳ ۾ جوابدارن نيب قانون ۾ ترميم بعد ريفرنس ختم ٿيڻ تي ضمانتي مچلڪا رليز ڪرايا ھئا، جنهن بعد ٻيهر ريفرنس بحال ٿيو ھو،ريفرنس مطابق اقبال زيڊ احمد جي ڪمپنين مان اربين رپين جي ٽرانزيڪشن برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ ڪئي وئي، ان کان اڳ ۾ 29 ارب روپين جي ڪرپشن ۾ اقبال زيڊ ايم، سندس ٻن پٽن فصيح الدين، رضيح الدين، عاصم افتخار، قاضي ھمايون ۽ سلامت سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي ھئي. ڪالهه ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي جوابدار حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا ته عدالت سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪندي کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد اتي موجود پوليس کين گرفتار ڪري ورتو، عدالت 2 ڊسمبر تائين جوابدارن کي نارا جيل اماڻي ڇڏيو، جوابدارن جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پڻ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنھن ضمانت جي استدعا ڪئي هئي ته جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي.