نگران وڏي وزير جي لاڏاڻي سبب ڪي پي ۾ بحران، ڪابينا ٽٽي وئي

   پشاور(م ڊ) نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جي اوچتي لاڏاڻي سبب خيبرپختونخواهه ۾ نئون سياسي بحران ٿي ويو آهي.  نگران وڏي وزير جي لاڏاڻي سان صوبائي ڪابينا پاڻمرادو ٽٽي پئي، اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته نگران وڏي وزير جي لاڏاڻي سان صوبائي ڪابينا ٽٽي چڪي آهي، صوبي جا سمورا اختيار پاڻمرادو گورنر ڏانهن هليا ويا آهن. ڪنور دلشاد چيو ته صوبائي ڪابينا وڏي وزير سان واڳيل هوندي آهي، نگران وڏو وزير استعيفا ڏئي يا لاڏاڻو ڪري وڃي ته ڪابينا پاڻمرادو ٽٽي پوندي آهي .نئين نگران وڏي وزير جي مقرري تائين خيبر پختونخواهه جا سمورا معاملا گورنر هلائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.