غزا(م ڊ) غزا ۾ الشفا اسپتال جي مئنيجر جو پيغام پڙهي برطانوي ڊاڪٽر روئي پئي، برطانوي ڊاڪٽر اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ تي برطانوي وزيراعظم جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو، ٻئي طرف غزا ۾ الشفا اسپتال جي مئنيجر محمد ابو سلميه چيو ته اسرائيلي جهاز ۽ سنائپر اسپتال جي چوڌاري موجود سمورن ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.هن چيو ته اسان زخمين کي کڻڻ لاءِ اسپتال کان ٻاهر به نٿا وڃي سگهون.هن چيو ته اسان موت کان صرف چند ڪلاڪ پري آهيون ۽ دنيا اسان کي مرندي ڏسي رهي آهي، اسپتال اندر مريض ۽ ٻارڙا مرڻ شروع ٿي ويا آهن.