اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي، ته خيبر پختونخوا جي گورنر، چيف سيڪريٽري ۽ پوري صوبائي حڪومت آئين تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا ڪو به بحران ناهي، خيبر پختونخوا جي نئين وزيراعليٰ جي مقرري جلد ڪئي ويندي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزير چيو ته آئين جو روح بلڪل واضح آهي، ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ جي وفات کان پوءِ آئين ۾ ڏنل طريقيڪار تي عمل ڪيو ويندو. ڪنهن به قسم جي قياس آرائين جي گنجائش ناهي، هوڏانهن مرتضيٰ سولنگي خيبر پختونخواه جي نگران وڏي وزير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ صوبي لاءِ سندس خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن. مرحوم اعظم خان شريف النفس ۽ شائستگي واري طبعيت رکندڙ انسان هو.