بلوچستان ۾ وڏي اڳڀرائي ، ن ليگ، بي اي پي ۽ جي يو آءِ ۾ اتحاد جو امڪان

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ وڏي اڳڀرائي ٿيڻ واري آهي. ن ليگ، بي اي پي ۽ جي يو آءِ ۾ اتحاد جو امڪان آهي. ٽئي پارٽيون گڏجي چونڊ وڙهنديون، وڏي وزير جي مقرري لاءِ پوءِ ڳالهيون ٿينديون، جڏهن ته وڏي وزير  جي مقرري لاءِ پوءِ ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف جلد بلوچستان جو دورو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي)، جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ اتحاد جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحاد کانپوءِ بلوچستان ۾ ٽئي پارٽيون گڏجي اليڪشن وڙهنديون ۽ بلوچستان جي وڏي وزير بابت فيصلو ڳالهين ۾ ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اي پي جو ڄام ڪمال وڏو وزير بڻائڻ جي شرط تي ن ليگ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جي يو آءِ عبدالغفور حيدري کي بلوچستان جو وڏو وزير بڻائڻ تي زور ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.