آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل ڳالهيون ختم، نجڪاري سميت وڌيڪ مطالبن جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان سخت مطالبا ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد جون مختلف کاتن سان ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهيون ختم ٿي ويون. . ادارا خانگائڻ، گئس،  بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ ۽ پيٽرول تي ليوي وڌائڻ تي زور ڏيڻ جو امڪان آهي. ٽڪينيڪي سطح تي ٿيل ڳالهين دوران ايف بي آر ، آءِ ايم ايف وفد کي ٽئڪس معاملن تي مطمئن ڪيو. آءِ ايم ايف وفد جون ايف بي آر، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ سان پالسي سطح واريون ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون، امڪان آهي ته ان دوران آءِ ايم ايف طرفان سخت مطالبا پيش ڪيا ويندا. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، پاليسي سطح وارين ڳالهين دوران توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت کان نوان مطالبا ڪري سگهجن ٿا. ذريعن موجب، شيڊيول مطابق آءِ ايم ايف وفد سان معاشي ٽيم جون ڳالهيون پندرنهن نومبر تائين مڪمل ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.